چوڏهن شهيد

چوڏهن شهيد: بلاولي تحريڪ دوران مخدوم بلاول جي شهادت واري سانحي جي شهيدن جون هي قبرون، دادو شهر جي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي پڪي روڊ سان دادو ڪئنال جي اوڀر ۾ ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هڪ قبرستان ۾ واقع آهن. زميني سطح کان 6 فوٽ مٿي ٺهيل ٿلهي تي موجود هنن قبرن مٿان ڪچو ڇپرو ٺهيل آهي. هنن قبرن لاءِ روايت آهي ته سنڌ تي ڪاهه ڪندڙ ارغونن ڌارين سان وڙهندي شهيد ٿيندڙ سورهين جون آهن. هي سڀ شهيد هڪ ئي ذات جا هئا، ان ڪري هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا. قبرن جي مرمت وقت به وقت ٿيندي رهي ٿي، جنهنڪري اهي سالم حالت ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو